ايسر سنگهه بيدي

ايسر سنگهه بيدي

ايسر سنگهه بيدي

ايسر سنگهه بيدي: انگريزن خلاف آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن ۽ ليکڪ ايسر سنگهه بيديءَ جو تعلق شھدادپور، ضلعي ‏سانگهڙ جي هڪ زميندار خاندان سان هو. سندس جنم 23 آڪٽوبر 1927ع تي، اتم سنگهه جي گهر شھدادپور ۾ ٿيو. مشھور ‏انقلابي اڳواڻ ديال سنگهه بيدي سندس وڏو ڀاءُ ۽ سياسي استاد هو. انٽر تائين سنڌ ۾ تعليم حاصل ڪئي. انقلابي خيالن سبب ‏ٻئي ڀائر ’نوجوان منڊلي‘ جي پليٽ فارم تان، انگريزن خلاف پمفليٽ ۽ ٻيو مواد ورهائيندي گرفتار ٿيا ۽ ڪورٽ مارشل ٿيڻ کان ‏پوءِ 12/12 ڦٽڪن جي سزا برداشت ڪئي. پڙهڻ دوران سياست ۾ حصو وٺڻ تي ڪجهه وقت لاءِ رسٽڪيٽ پڻ ٿيا.‏ ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي اجمير ۾ رهيو. ٻاراڻي ادب بابت سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ‏شايع ٿيل آهن. 38 سالن تائين ويسٽرن ريلوي جي ملازمت ۾ رهيو. 07 جولائي 2020ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.10.23  عيسوي

ايسر سنگهه بيديءَ جو تعلق شھدادپور، ضلعي ‏سانگهڙ جي هڪ زميندار خاندان سان هو. سندس جنم 23 آڪٽوبر 1927ع تي، اتم سنگهه جي گهر شھدادپور ۾ ٿيو.


2020.07.07  عيسوي

ايسر سنگهه بيديءَ 07 جولائي 2020ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرزادو شاهه محمد
ادا قاضي
الهبچايو ميمڻ
پونم پاسڪل پرمار
مراد فقيرسنديلو
شاهه حبيب
شيخ پريو
علامه رشيد ترابي
چانڊيو ڀرڪيو شاهاڻي
سيد محمد تقي بخاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون